سڊني:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)آسٽريليا ايراني سفير کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان تي الزام لڳايو آهي ته هو يهودي مخالف حملن ۾ ملوث آهي.
آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني الباني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايراني حڪومت ٻن يهودي مخالف حملن ۾ ملوث هئي، تنهن ڪري هن ايراني سفير کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته ايران جي انقلابي گارڊز کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ لاءِ قانون متعارف ڪرايو ويندو.
آسٽريليا جي وزيراعظم چيو ته ايراني سفير کي ميلبورن ۽ سڊني ۾ يهودي مخالف حملن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري نيڪالي ڏني پئي وڃي.
ان حوالي سان آسٽريليا جي پرڏيهي وزير چيو ته ايراني سفير ۽ ٽن ٻين عملدارن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 7 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا تهران ۾ پنهنجي سفارتخاني جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language