غزہ:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)غزه جنگ دوران اسرائيلي فوجن 95 سيڪڙو ڪيسن ۾ فلسطيني ٻارن کي مٿي يا سيني ۾ گوليون هنيون، جنهن جي نتيجي ۾ عام طور تي فوري موت واقع ٿيندي هئي.
اهو انڪشاف برطانوي ميڊيا جي هڪ جاچ رپورٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته محققن الزامن جي تصديق لاءِ طبي رڪارڊ، اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن ۽ تصويرن کي استعمال ڪندي 160 کان وڌيڪ واقعن جو جائزو ورتو.
رپورٽ موجب، مارجي ويل ٻارن جي خاندانن چيو ته ٻارن وٽ هٿيار نه هئا ۽ اهي اڪثر ڪري صرف راند ڪري رهيا هئا يا اسرائيلي جارحيت کان ڀڄي رهيا هئا، ۽ گهڻا ٻار 12 سالن کان گهٽ عمر جا هئا.
انساني حقن جي تنظيمن جنگي ڏوهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته رپورٽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي بابت سنگين قانوني ۽ اخلاقي سوال اٿاري ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language