ریاض:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)سعودي عرب ۾ گذريل هفتي ۾ 22,000 کان وڌيڪ غير قانوني مهاجرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سعودي وزارت داخلا موجب، رهائشي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 13,835 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته 4,772 ماڻهن کي غير قانوني طور تي سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 3,540 مهاجرن کي ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
جولاءِ 2025 دوران، سعودي عرب ۾ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ 425 سرڪاري ملازمن جي جاچ ڪئي وئي، ۽ 142 ماڻهن کي ڪرپشن جي الزامن ۾ حراست ۾ ورتو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language