
لاھور:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ يو اي اي ۾ ٽه ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سليڪٽر، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينئر ۽ هيڊ ڪوچ مائيڪ بيسن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، سلمان علي آغا کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي.
17 رڪني اسڪواڊ ۾ فخر زمان، شاهين شاهه، حارث رئوف، صائم ايوب، خوشدل شاهه، حسين طلعت، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر محمد حارث شامل آهن. ابرار احمد، فهيم اشرف، حسن علي، حسن نواز، صاحبزاده فرحان، سلمان مرزا ۽ سفيان مقيم به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
قومي سليڪٽر عاقب جاويد صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ٽيم ۾ اهوئي کيڏندو جيڪو پرفارم ڪندو اسان اهو نٿا چئي سگهون ته بابر ۽ رضوان ڪڏهن ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپس نه ايندا جيڪو رانديگر پرفارم ڪندو اهو ٽيم ۾ واپس اچي سگهي ٿو، ڪنهن به رانديگر جي شموليت تي فل اسٽاپ نٿو لڳائي سگهجي.
عاقب جاويد چيوته فخرزمان وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ لاڳيتو پرفارم ڪري رهيو آهي. صائم ايوب ۽ صاحبزاده فرحان جي پرفارمنس به بهتر ٿي آهي. ٽيم جي سليڪشن ۾ ڪپتان جي مشاورت شامل آهي. 17 رڪني اسڪواڊ ۾ ايتري صلاحيت آهي جو اها ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.
هيڊ ڪوچ مائيڪ بيسن چيو آهي ته ٽي 20 فارميٽ ۾ ٽيم سٺي پرفارم ڪري رهي آهي. گذريل 9 ميچز مان 6 ۾ ڪامياب ٿياسين هڪ ميچ ۾ اسان کي آخري بال تي شڪست ملي، اسان جو سمورو ڌيان کٽڻ ۽ انهي جي تسلسل تي آهي.
پاڪستان، افغانستان ۽ يو اي اي جي ٽرائي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تي شارجه ۾ ٿيندي. ايشيا ڪپ 9 کان 28 سيپٽمبر تائين ابو ظهبي ۽ دبئي ۾ کيڏيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language