واشنگٽن:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع) آذربائيجان ۽ آرمينيا اڄ وائيٽ هائوس ۾ امن معاهدي تي صحيحون ڪندا.
وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن معاهدي تي صحيحن جي تقريب جي ميزباني ڪندو.
وائيٽ هائوس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي امن معاهدو صرف آرمينيا يا آذربائيجان بابت ناهي، پر سڄي علائقي لاءِ آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته صدر ٽرمپ سان گڏ، هي خطو محفوظ ۽ وڌيڪ خوشحال طور سڃاتو وڃي ٿو.
وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته صدر ٽرمپ آرمينيا ۽ آذربائيجان سان توانائي، ٽيڪنالاجي، اقتصادي تعاون، سرحدي سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر ۽ واپاري معاهدن تي پڻ دستخط ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language