نئين دهلي:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع) ڀارت آمريڪا کي اشارو ڏنو آهي ته هو روس کان تيل جي درآمد گهٽائيندو.
هڪ نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب، آمريڪي هٿيارن جي خريداري تي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ کان اڳ ڀارت ٽيرف تي وضاحت جو انتظار ڪري رهيو آهي. ڀارت آمريڪا کان هٿيار خريد ڪرڻ جي پنهنجي منصوبي تي عمل درآمد بند ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت آمريڪا کان پي-81 جهاز، اسٽرائڪر گاڏيون ۽ جيولين ميزائل خريد ڪرڻ جو ارادو رکي رهيو هو.
نيوز ايجنسي جي مطابق، ڀارتي دفاع واري وزير آمريڪا جو پنهنجو طئي ٿيل دورو به منسوخ ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language