اسلام آباد:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)صدر آصف علي زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاھ چي ملاقات ڪابينا ۾ تبديلي جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي۔۔ ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته رات صدر آصف علي زرداري سان بلاول ھائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاھ ملاقات ڪئي۔ ذريعن موجب ملاقات تقريبن ھڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رھي. ملاقات دوران وڏي وزير سميت وزيرن پاران صدر آصف علي زرداري کي سنڌ جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته صوبائي وزير ناصر حسين شاھ پاران ترقياتي منصوبن بابت تفصيل فراھم ڪيا ويا ۽ ٻڌايو ويو ته اسمبلي ميمبرن کي ترقياتي منصوبن لاء فنڊز جاري ڪيا ويندا. جڏهن ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي بابت وڏي وزير تفصيل فراھم ڪيا ۽ کيس ٻڌايو ته موجودا ڪابينا مان وڏي وزير جي ھڪ صلاحڪار سميت ٻن وزيرن کي آئوٽ ڪيو ويندو جنهن جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language