لاهور:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع)غازي آباد ۾ هڪ بزرگ عورت جي ڪنن مان ڪنن جون باليون ڦر ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ساٿي سميت مارجي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ، لاهور جي غازي آباد علائقي ۾، هڪ شخص 90 سالن جي بزرگ عورت، پروين اختر، جي ڪنن مان سون جون باليون ڦري فرار ٿي ويو، جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون آئي هئي.
سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ شخص سائي ٽوپي، ماسڪ ۽ پتلون پائي سبزي جي دڪان تي ويٺي هڪ بزرگ عورت جي ڪنن مان سون جون باليون کسي رهيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته غازي آباد ۾ هڪ بزرگ عورت جي ڪنن مان باليون کسيندڙ شڪي پنهنجي ساٿي سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.
پوليس موجب، سي سي ڊي هڪ ظاهر ڪيل شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مناوان پوليس اسٽيشن وڃي رهي هئي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ ٻه شڪي ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ڪنن مان باليون کسيندڙ شڪي به شامل هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language