حيدرآباد:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ نور نبي پليجي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته اينٽي ٽيررزم ايڪٽ 1997ع ۾ ترميم ڪري حڪومت ھٽلر جي ڪنسرٽيشن ڪيمپس جھڙا عذاب گھر قائم ڪرڻ چاھي ٿي.
هنن چيو ته بلاول شھباز اتحادي حڪومت نازي سرڪار جي انيبلنگ لا 1933ع کان وڌيڪ عوام دشمن قانونسازي ڪئي آھي، ھن ترميم وسيلي ملڪ جي ڪروڙين عوام کي آزاد ۽ شفاف ٽرائل کان محروم ڪيو ويو آھي.
ھن ترميم مطابق بنا ڪنھن ڏوھ جي ثابتي جي سيڪيورٽي ادارا ڪنھن به ماڻھو کي قيد ۾ رکي سگھن ٿا، ماڻھن کي ٽي مھينا بنا جواز قيد ۾ رکڻ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آھي.
حڪمرانن جي اھڙي عوام دشمن ترميمن سبب پاڪستان جڳ جھان ۾ آمريتي طرز حڪمراني طور خوار خراب ٿي رھيو آھي، حڪومت ھوش کان وٺي ملڪ جي بدنامي وارا سمورا ڪارا قانون فوري طور ختم ڪيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language