welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ بجلي جي بندش سبب نيڪال جو نظام متاثر

حيدرآباد:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيٺانهين علائقا مينهن سبب پاڻي هيٺ اچي ويا. حيدرآباد شهر ۾ اربع ڏينهن مينهن سبب لطيف آباد، قاسم آباد سميت هيٺانهين علائقن ۾ روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو ۽ بجلي بند ٿيڻ سبب نيڪال جو نظام متاثر ٿيو. حيسڪو علائقي ۾ 300 کان وڌيڪ فيڊرز بند ٿيڻ سبب نيڪال جي پمپنگ اسٽيشنن کي به بجلي بند ڪئي وئي آهي. ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو موجب، واٽر ڪارپوريشن جي 129 پمپنگ اسٽيشنن مان ڪنهن تي به بجلي موجود ناهي، بجلي نه هجڻ سبب نيڪال جو نظام متاثر ٿي رهيو آهي. حيسڪو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽنڊي محمد خان ۽ بلڙي شاهه ڪريم ٽرانسميشن لائن جي وچ ۾ 2 ٽاور ڪري پيا، ٽاور لڳائڻ کان پوءِ گرڊ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي. ٻئي طرف، دادو ۽ سيوهڻ جي جبلن وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ آئي. ٿرپارڪر ۾ تحصیل اسپتال ڊپلو جي سڀني وارڊن جون ڇتيون مينهن سبب ٽٽڻ لڳيون، ۽ طبي سامان ۽ پنکھا خراب ٿي ويا. ان کان علاوه، ڄامشورو، ڪوٽڙي، پڊعيدن، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ جهمپير ۾ هيٺاهين وارا علائقا پڻ مينهن سبب پاڻي هيٺ اچي ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے