
رياض:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيل جو گريٽر اسرائيل منصوبو خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهي ۽ پاڪستان گريٽر اسرائيل منصوبي کي سختي سان رد ڪري ٿو.
سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ اسرائيلي ظلم بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي، اسرائيل جي هٿان 60 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن.
هن چيو ته هو ترڪي ۽ ايران جو شڪرگذار آهي ته او آءِ سي جو هنگامي اجلاس سڏايو، فلسطينين تي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي، ۽ اسپتالن، اسڪولن ۽ پناهگير ڪئمپن تي حملا بين الاقوامي قانون جي خلاف آهن.
هن چيو ته فلسطين ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، فوري قدم کڻڻ ناگزير آهن، ۽ عالمي برادري کي غزه ۾ مستقل ۽ غير مشروط جنگ بندي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.
اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل جو گريٽر اسرائيل منصوبو خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهي، پاڪستان گريٽر اسرائيل منصوبي کي سختي سان رد ڪري ٿو، پاڪستان 31 عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل بيان جي حمايت ڪئي ۽ ٻه رياستي حل فلسطين ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 7 فوري قدمن جي تجويز ڏني آهي، جن مان مستقل جنگ بندي سڀ کان مٿي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اسرائيل خلاف سخت قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان، هڪ غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان، فلسطين جي حق خود اراديت لاءِ بين الاقوامي عوامي راءِ کي متحرڪ ڪندو رهندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language