welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عاصم منير سان ممڪنہ ملاقات جي خوف کان مودي ٽرمپ جي دعوت قبول نه ڪئي: آمريڪي ميگزين

واشنگٽن:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع) آمريڪي رسالي بلومبرگ دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ممڪن ملاقات جي خوف سبب آمريڪي صدر جي دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آمريڪي رسالي بلومبرگ دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ممڪن ملاقات جي خوف سبب آمريڪي صدر پاران ڏنل دعوت قبول ڪرڻ کان پاسو ڪيو. رپورٽ موجب، 17 جون تي آمريڪي صدر مودي کي رات جي ماني جي دعوت ڏني هئي، پر مودي دعوت رد ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ هو ته آمريڪي صدر کيس فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملڻ نه ڏيندو. رسالي وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته ساڳئي ڏينهن، مودي ۽ آمريڪي صدر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه به ٿي جيڪا تقريبن 45 منٽن تائين هلي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم موڙ قرار ڏنو پيو وڃي. هن ڳالهه ٻولهه کان پوءِ، آمريڪا-ڀارت لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي. هي ڇڪتاڻ ان وقت به ظاهر ٿي جڏهن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هندستاني معيشت کي مرده قرار ڏنو ۽ بعد ۾ هندستاني شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے