تلھار:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)تلهار ويجهو پيرولاشاري جي ڊاڪٽر جي مُبينه غفلت غلط انجيڪشن لڳڻ سبب سبب 4 معصوم ٻارڙن جي ماءُ فوت، وارثن پاران لاش تلهار ٿاڻي آڏو رکي احتجاج ،
تلهار ويجهو ڳوٺ مڇاري شاخ جي رهواسڻ شادي شده عورت 4 معصوم ٻارڙن پُٽن جي والده مسمات نُصرت چانگ کي پيرولاشاري جي ڊاڪٽر يونس پٺاڻ جي انجيڪشن سُئي لڳائڻ بعد فوت ، وارث لاش کي تلهار ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن ، ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ،
وارثن حسينه چانگ زاهد چانگ ٻڌايو ته فوتڻ نُصرت چانگ کي معمولي مٿي ۾ سور پيو جنهن کي پيرولاشاري جي ڊاڪٽر يونس پٺاڻ وٽ کڻائي آياسين ڊاڪٽر انجيڪشن هڻڻ بعد اسان جي نياڻي جي طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي ڊاڪٽر چيو ته هن کي ڳوٺ کڻائي وڃو اسان واپس ڳوٺ آياسين پئي ته نُصرت رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي ، هن وقت اسان تلهار ٿاڻي تي لاش کڻائي آيا آهيون اسان جو مطالبو آهي ته ڊاڪٽر يونس پٺاڻ خلاف قتل ڪيس داخل ڪري کيس جيل روانو ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language