welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت سان ڳالهيون شروع ٿيون ته برابري جي بنياد تي ٿينديون: اسحاق ڊار

اسلام آباد:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت جو نيو نارمل وارو بيانيو دفن ٿي چڪو آهي، ڀارت سان هاڻ جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته برابري جي بنياد تي ٿينديون. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته افغانستان سان اسان جو هڪ ئي مطالبو هو ته اهو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي خلاف ڪارروائي، ٽي ٽي پي کي اسان جي حوالي ڪري يا اسان جي سرحدن کان پري کڻي وڃي. افغانستان جيڪو احتجاجي خط ڏنو آهي انهي جا سبب به ڏسنداسين. هن ڀارت سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڀارت جو نئون نارمل جو بيانيو دفن ٿي چڪو آهي. ڀارت سان ڳالهيون ٿينديون ته برابري جي بنياد تي ٿينديون. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته صحيح آهي، نٿو ڪرڻ چاهي ته انهي سان به مسئلو نه ٿيندو اسان ڪنهن کي به نه چئي رهيا آهيون ته ڳالهيون ڪيون وڃن. اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ لاڳاپن جو اشارو ڏيندي چيو ته جڏهن آذربائيجان ۽ آرمينيا جا معاملا صحيح ٿي چڪا آهن ته انهي سان اسان کي ڪوبه مسئلو نه آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے