welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايڪواڊور جي نائيٽ ڪلب ۾ فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا

گوياس:(سومر11 آگسٽ 2025ع)ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ فائرنگ ۾ اٺ ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، فائرنگ جو واقعو ساحلي صوبي گوياس جي ڳوٺاڻي علائقي سانتا لوشيا ۾ پيش آيو، جيڪو ملڪ جو سڀ کان خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي. اختيارين چيو ته هٿياربند شڪي موٽرسائيڪلن ۽ ٻن گاڏين تي پهتا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ست ماڻهو موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته هڪ شخص اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فائرنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جي عمر 20 کان 40 سالن جي وچ ۾ هئي. اختيارين موجب، فائرنگ ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ انهن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب، فائرنگ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے