ڪراچي:(جمعو آگسٽ 2025ع)ايم اي جناح روڊ تي ڪريڪر گودام ۾ ڌماڪي جي واقعي ۾ فوتين جو انگ پنج ٿي ويو آهي.
ريسڪيو عملدارن چيو ته ملبي مان هڪ ٻيو لاش مليو آهي جنهن بعد فوتين جو انگ پنج ٿي ويو آهي.
واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 33 ماڻهو زخمي ٿيا جن کي سول ۽ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ٽن جي حالت نازڪ آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب، ويجهو گاڏين کي سخت نقصان پهتو جڏهن ته آس پاس جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا.
پوليس موجب، گودام جا مالڪ ٻه ڀائر آهن جيڪي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيا، هڪ ڀاءُ ابتدائي بيان ڏنو، جڏهن ته ٻنهي ڀائرن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
گهرو وزير سنڌ ضيا لنجار پوليس کان گودام ڌماڪي جي تفصيل طلب ڪئي ته ڇا توهان وٽ سامان رکڻ جو لائسنس آهي يا نه.
جيو نيوز سان ڳالهائيندي سنڌ جي گهرو وزير چيو ته رهائشي علائقن ۾ اهڙن گودامن جي اجازت ناهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language