لاھور:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)لاهور جي علائقي ۾ گهريلو تشدد سبب 2 عورتن سميت 4 ماڻهن کي چاقو هڻي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، جوابدار عمران گهريلو تڪرار دوران پنهنجي زال، ڌيءَ، ڀائٽي ۽ سھري کي چاقو هڻي قتل ڪيو، جوابدار قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو.
مارجي ويلن ۾ جوابدار جي زال فوزيه، 14 سالن جي ڌيءَ زينب، 15 سالن جو ڀائٽيو رضا ۽ 55 سالن جو سھري مرزا شامل آهن.
پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم واقعي واري هنڌ تان ثبوت هٿ ڪيا ۽ لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ مرده خاني منتقل ڪيو ويو.
ايس پي ڪينٽ قاضي علي موجب، مقتول جي ڀاءُ نديم جي شڪايت تي نامزد جوابدار عمران خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language