welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي ٻڌڻي، اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي سميت 4 پوليس اھلڪار اشتھار ڏوھاري قرار

ميرپور خاص:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا طور ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي. ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر ۽ سندس وڪيل اعجاز ھاليپوٽي چيو ته عدالت سڳوري ھن ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، عمرڪوٽ جي سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، سپاھي لکمير ۽ سپاھي محمد صديق کي اشتھاري ڏوھاري قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ساڳئي ڪيس ۾ لاڳيتو روپوش رھندڙ ميرپورخاص جي اڳوڻي ايس ايس پي اسد علي چوڌري جي ايڊريس بابت اتان جي ايس ايس پي پاران ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آھي، جيئن اھا رپورٽ پيش ٿي ته اميد ته اھو به اشتھاري ڏوھاري قرار ڏنو ويندو. ھوڏانھن عدالت جي ايندڙ ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے