لاھور:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)لاهور ۾ هڪ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ چئن جوابدارن مان ٻه پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته لاهور جي چوهانگ علائقي ۾ چئن جوابدارن هڪ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي هئي.
پوليس موجب جڏهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو ويو ته انهن فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ ۾ ٻه جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.
ٻار سان زيادتي جي ڪوشش ناڪام، جوابدار گرفتار
ٻئي طرف بيگم ڪوٽ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي 11 سالن جي ٻار سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
جوابدار معصوم ٻار کي لالچ ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ زيادتي شروع ڪري ڏني. ٻار جي رڙ ڪرڻ کان پوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language