
اسلام آباد:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 20 ارب ڊالر جو رعايتي قرض منظور ڪيو آهي.
ورلڊ بينڪ پاڪستان کي 20 ارب ڊالر جو رعايتي قرض فراهم ڪندو، قرض تي 2 سيڪڙو سود جي شرح هوندي ۽ مدت 10 سال هوندي.
خانگي شعبي لاءِ وڌيڪ 20 ارب ڊالر جي به اميد آهي، جڏهن ته فنڊنگ آءِ ايف سي ذريعي ڪئي ويندي، قرض ڏهه سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جو حصو آهي، جڏهن ته قرضن جو ڪل مقدار 40 ارب ڊالر تائين پهچي ويندو.
نئين فنڊنگ پيڪيج ۾ ڇهه ترجيحي شعبا شامل آهن، ماحولياتي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائي بنيادي مقصد آهن، صحت ۽ تعليم جي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.
ٻارن جي ترقي کي بهتر بڻائڻ پڻ منصوبي جو حصو آهي، جامع ترقي کي ترجيحي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، صاف توانائي ۽ هوا جي معيار کي بهتر بڻائڻ پڻ اهم مقصد آهن.
هي پڙهو: ايشيائي ترقياتي بينڪ ٻوڏ متاثرين لاءِ هنگامي امداد جو اعلان ڪيو
خانگي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کي به ترجيح ڏني وئي آهي، قومي عملدرآمد جو منصوبو تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي، پاڪستان کي آءِ ڊي اي ذريعي خودمختيار قرض ملندا.
ٻه ڏينهن اڳ، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر ٻوڏ متاثرين لاءِ 3 ملين ڊالر جي هنگامي امداد جو اعلان ڪيو.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر ماساتو ڪانڊا پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ جاني نقصان تي تعزيت ڪئي.
اعلان موجب، ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر رسپانس فنڊ مان 3 ملين ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستان حڪومت جي درخواست تي فراهم ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language