welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٻوڏ صورتحال: ڪوئيٽا ۽ پشاور وچ ۾ هلندڙ ٽرين سروس 2 ڏينهن لاءِ معطل

ڪوئيٽا:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)ڪوئيٽا ۽ پشاور جي وچ ۾ هلندڙ ٽرين سروس کي ٻن ڏينهن جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين سروس کي ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي معطل ڪيو ويو آهي. 25 ۽ 26 آگسٽ تي ڪوئته کان جعفر ايڪسپريس پشاور لاءِ رواني نه ٿيندي. ريلوي اختيارين موجب ڪوئٽه کان چمن پسينجر ٽرين پنهنجي مقرر وقت تي رواني ٿي، ٻئي طرف ٽرينن ۾ مسافرن جي گهٽ تعداد جي ڪري 2 مسافر گاڏيون معطل ڪيون ويون آهن. ريلوي اختيارين موجب بولان ميل ڪراچي کان ڪوئٽه ۽ شاهه حسين ايڪسپريس ڪراچي کان لاهور اڄ معطل رهنديون. ملت ايڪسپريس کي قراقرم ايڪسپريس ۾ ضم ڪيو ويو. قراقرم ايڪسپريس ڪراچي کان شام 5 وڳي رواني ٿيندي. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافر وڌيڪ ڄاڻ ۽ سهوليت جي لاءِ ڪراچي ڪينٽ ۽ لاهور اسٽيشن جي ريزرويشن آفيس سان رابطو ڪن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے