welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صوابي ۾ برسات ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 27 گهر مڪمل طور تي تباهه، 42 ماڻهو فوت

صوابي:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)خيبر پختونخواهه جي صوابي ضلعي ۾ برساتن ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 42 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ صوابي جي ڳوٺ دلوري بالا ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 17 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا هئا، تباهه ٿيل گهرن ۾ 40 ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا هئا. ڊپٽي ڪمشنر صوابي نصرالله جيو نيوز کي ٻڌايو ته 'متاثر ٿيل علائقي ۾ بچاءُ آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، 40 ماڻهن کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي، جن ۾ 37 لاش ۽ 3 زخمي شامل آهن' ڊپٽي ڪمشنر موجب، 'سرڪوئي پائين ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 4 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته ڪرنل شير نديءَ ۾ هڪ نوجوان ٻوڏ ۾ وهي ويو، جنهن جو لاش ڪالهه بچاءُ ٽيمن هٿ ڪيو.' ڊپٽي ڪمشنر چيو ته 'بارش ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب صوابي ضلعي ۾ ڪل 42 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، دلوري بالا ۾ 17 گهر ۽ سرڪوئي ۾ هڪ گهر ڪڪر ڦاٽڻ سان مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ڪل 27 گهر خراب ٿيا آهن. دلوري بالا جي متاثر علائقي ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي.'

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے