واشنگٽن:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 15 آگسٽ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات جو اعلان ڪيو آهي.
صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته روسي صدر سان ملاقات 15 آگسٽ تي الاسڪا ۾ ٿيندي.
ان کان اڳ، ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ چيو هو ته هو جلد ئي روسي صدر پيوٽن سان ملاقات ڪندو.
آمريڪي اخبار موجب، صدر پيوٽن آمريڪا کي ٻڌايو ته اوڀر يوڪرين جي بدلي ۾، هو جنگ ختم ڪندو، جڏهن ته ٽرمپ چيو ته اسان ڪجهه علائقا واپس وٺڻ، ڪجهه تبديل ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهيون.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪي صدر ٽرمپ 8 آگسٽ تائين يوڪرين سان امن معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ روس تي نئين پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language