
بونير:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)خيبر پختونخواهه جي ضلعي بونير ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي. پير بابا ۽ چغرزئي علائقن ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا، ۽ مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 157 تائين پهچي ويو.
ريسڪيو 1122 چيو ته بونير ۾ هڪ ئي گهر جا 20 ماڻهو هڪ گهر جي ملبي هيٺان دٻجڻ سبب فوت ٿي ويا.
ڪڪر ڦاٽڻ کان پوءِ ٻوڏ ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، رهواسين جا گهر ڊهي پيا، جانور ۽ گاڏيون به ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون، جڏهن ته بونير ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي آهي.
بونير جي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته اهي هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڊپٽي ڪمشنر بونير چيو ته ٻوڏ جي صورتحال سبب ڪيترائي ماڻهو گم ٿي ويا آهن ۽ ڳولا جاري آهي. جبلن مان ايندڙ ٻوڏ جي لهرن تباهي مچائي ڇڏي آهي. هن بونير ۾ فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته بادل ڦاٽڻ سان لڳ ڀڳ 12 ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن ڪري امدادي ٽيمن لاءِ متاثر علائقن تائين پهچڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جيو نيوز کي ٻڌايو ته بونير ۾ ٻوڏ سبب روڊ ٻڏي ويا آهن، انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي، ۽ وفاقي حڪومت کي صوبائي حڪومت سان گڏ بونير ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
بئريسٽر گوهر چيو ته خيبر پختونخواه حڪومت بونير کي آفت زدہ علائقو قرار ڏنو آهي. هن وفاقي حڪومت کان بونير کي آفت زدہ علائقو قرار ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو.
ياد رکڻ گهرجي ته بادل ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب خيبر پختونخواه جي مختلف ضلعن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي، مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 200 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language