
غزہ:(خميس 28 آگسٽ 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي حملا بند نه ٿي رهيا آهن، تازي ڪارروائي ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني قتل ٿي ويا آهن.
اربع ڏينهن ڏکڻ غزه جي خان يونس علائقي ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمن تي اسرائيلي فوج جي ڊرون حملي ۾ ٽي فلسطيني قتل ٿي ويا، جن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار به شامل آهي، جڏهن ته 21 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب، غزه شهر ۾ اسرائيلي فوج جي الڳ الڳ حملن ۾ ڇهه وڌيڪ فلسطيني قتل ٿيا.
اسرائيلي فوج غزه ۾ امداد جي ورڇ واري هنڌن تي پڻ حملا ڪيا، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 فلسطيني مارجي ويا.
طبي عملدارن موجب، اتر غزه ۾ کاڌو حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ چار ماڻهو قتل ٿي ويا.
غزه جي صحت واري وزارت اعلان ڪيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ غزه ۾ 10 وڌيڪ فلسطيني بک سبب فوت ٿي ويا، جنهن سان اسرائيل جي لاڳو ڪيل ڏڪار ۾ فوتين جو انگ 313 ٿي ويو آهي، جن ۾ 119 ٻار به شامل آهن.
طبي ذريعن موجب، اسرائيلي فوج صرف اربع جي صبح کان وٺي ڪل 51 فلسطيني قتل ڪيا آهن.
ٻئي طرف، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل وچ اوڀر جي صورتحال تي هڪ اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا کانسواءِ سڀني ميمبرن غزه ۾ جاري ڏڪار کي انسان جي ٺاهيل بحران قرار ڏنو.
اجلاس ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو ته هو فوري طور تي دشمني بند ڪري ۽ بي رڪاوٽ امداد فراهم ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language