نيويارڪ:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون تمام ضروري آهي.
عالمي امن جي قيام لاءِ گڏيل قومن ۾ او آءِ سي تعاون جي اجلاس کي خطاب ڪندي، نائب وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
اسحاق ڊار چيو ته انساني بحرانن ۽ عالمي امن کي حل ڪرڻ لاءِ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ تعاون اهم آهي، پر ان کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خود اراديت جو حق ڏيڻ گهرجي، ۽ سڀني کي اسلاموفوبيا جي خطرن کي روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي. گڏيل قومن کان پوءِ، او آءِ سي دنيا جي بين الحکومتي تنظيم آهي ۽ پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبرن مان هڪ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language