پنوعاقل:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)پنوعاقل ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي ڏوھارين ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ، ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ٻه نوجوان مارجي ويا ، ھڪ زخمي ٿي پيو ، پنوعاقل ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀائي خان مھر ڀرسان ڏوھارين پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي دوران اطلاع تي ڳوٺاڻن اڳ ڏني جنھن دوران مزاحمت تي ڏوھارين ڳوٺاڻن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن سبب 3 ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتي ھڪ زخمي احمد علي مھر ٿڏي تي فوت ٿي ويو

جڏھن ته ٻن زخمي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل مان سي ايم ايچ ۽ سکر ريفر ڪيو ويو جڏھن ته زخمي ٿيل ٻيو نوجوان نثار مھر به سي ايم ايچ ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آھي جڏھن ته ٽئين زخمي حفيظ مھر کي علاج لاءِ سکر ريفر ڪيو ويو جنھن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، اطلاع تي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن طرفان ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ويو آھي، ڏوھاري موٽرسائيڪل ڇڏي ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا آھن، علائقي واسين موجب ڏوھاري ڪمند جي فصل ۾ لڪيل آھن، جيڪي ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي گھيري ۾ آھن ، ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي به اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري به واقعي واري ھنڌ پھچي وئي آھي .
0 تبصرے
Do not use vulgar language