welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي شهر اجمير ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ماڻهو ڀاڄ ۾ ٻڏي ويا

اجمير شريف:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)هندستاني شهر اجمير ۾ تيز برساتن کان پوءِ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي. اجمير ۾ خواجه غريب نواز جي مزار جي چوڌاري ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا، هڪ زائر کي بچائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب اتر پرديش ۾ مختلف واقعن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. ياد رهي ته طوفان وِفا هانگ ڪانگ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، تيز برساتن سبب شهر ۾ طوفان جي بلند ترين سطح جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، تيز هوائن سبب 200 کان وڌيڪ پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي وئي آهي، ۽ فيري سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے