welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گلگت بلتستان: ٻوڏ جي پاڻي ۾ 8 گاڏيون وهي ويون، 3 سياح فوت، 15 کان وڌيڪ گم

ديامر:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ تيز برساتن سبب 8 سياحتي گاڏيون ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون، 3 لاش ڪڍيا ويا جڏهن ته 15 کان وڌيڪ سياح گم آهن. ٺڪ بابوسر هاءِ وي تي 8 سياحتي گاڏيون ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون، 3 لاش ڪڍيا ويا ۽ 4 سياحن کي بچايو ويو ۽ زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ سياح لاپتا آهن. لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب چلاس-جلخد روڊ ۽ قراقرم هاءِ وي مختلف هنڌن تي بند ٿي ويا، جنهن ڪري مسافرن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ هزارين سياح ٻوڏ جي ڪري ڦاسي پيا آهن. بابوسر هاءِ وي تي ڦاٿل سياحن کي مقامي آبادي بچايو ۽ پناهه ڏني. غذر ۾ بجلي ڪرڻ سبب 4 هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ ٿي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي گهر، اسڪول، روڊ ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. اپر ڪوهستان جي ڪنڊيا تحصيل جي دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ سبب گهرن، پاڻي جي نالن ۽ پن چڪين کي نقصان پهتو آهي. هڪ عورت به ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي آهي. گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب، وڏي وزير لاڳاپيل ادارن کي بچاءُ جون ڪارروايون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ۽ عملي روڊ جي بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے