ڪرڪ:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)ڪرڪ جي علائقي سوردگ ۾ خانداني تڪرار تي ڀاءُ جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ هڪ ئي خاندان جا چار ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ ٻار سخت زخمي ٿي پيو.
تفصيل موجب، ڪرڪ جي علائقي سوردگ ۾ اڄ صبح هڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي ننڍي ڀاءُ خانداني تڪرار تي ڪاوڙ ۾ فائرنگ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ وڏو ڀاءُ نبير الله، سندس زال امبرين بي بي ۽ ٻه ننڍيون ڌيئرون حليمه بي بي ۽ بي بي آمنه موقعي تي ئي فوت ٿي ويون.
هڪ ٻار سخت زخمي ٿيو ۽ ريسڪيو 1122 ٽيم پاران فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب، واقعو خانداني تڪرار جو نتيجو هو. وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language