welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيٽروليم واري وزير پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب بيان ڪيو. جيو نيوز جي پروگرام 'ڪيپيٽل ٽاڪ' ۾ ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته اسان عوام جي تڪليفن کان مڪمل طور تي واقف آهيون، پر جيڪڏهن اسان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي هجي ها ته اسان کي بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان مسئلو ٿئي ها. هن چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ به روپئي جي مقابلي ۾ 2 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن جي ڪري پيٽرول جي قيمت وڌائڻي پئي. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واضح رهي ته ناڻي واري وزارت گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے