لاھور:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)لاهور ڪينٽ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي رهائشگاهه ٻاهران اسلام آباد پوليس تي حملي جي ڪيس ۾ عمران خان جا غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پي ٽي آءِ باني جي رهائشگاهه ٻاهران اسلام آباد پوليس تي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي لاهور ڪينٽ ڪورٽ ۾ ٿي.
عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ڪيس ۾ نامزد سينيٽر شبلي فراز جا غير ضمانتي وارنٽ جاري ڪيا.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي جيل روڪر ذريعي سمن جاري ڪيا.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.
ياد رهي ته ريس ڪورس پوليس اسٽيشن پي ٽي آءِ باني جي رهائشگاهه ٻاهران اسلام آباد پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language