welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان: ڪورنگ نالي ۾ تيز ٻوڏ واري پاڻيءَ جي وھڪري ۾ موٽرسائيڪل سوار لڙھي ويو

اسلام آباد:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)ڪورنگ نالي ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب هڪ موٽرسائيڪل سوار لڙھي ويو. سوشل ميڊيا تي هڪ نوجوان جي نالي ۾ ٻڏي وڃڻ جي وڊيو پڻ سامهون آئي، جنهن ۾ ماڻهن کي پنهنجون ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون نالي جي مٿان ٺهيل پل تان هلائيندي ڏسي سگهجن ٿيون. ريسڪيو عملدارن موجب، نالي ۾ ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته ڪورنگ نالي جي ڪنارن تي ٺهيل مٽيءَ جا گهر ڊھي پيا آهن. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪورنگ نالي جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي نالي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے