غزہ:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزه جي پٽي ۾ ياسر الشباب کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو غزه سان غداري ڪندڙ هڪ گروپ جو اڳواڻ آهي.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، حماس اسرائيل جي حامي هٿياربند گروپ جي اڳواڻ کي 10 ڏينهن اندر هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
غزه جي وزارت داخلا جو چوڻ آهي ته اهي ياسر الشباب تي غداري جو ڪيس هلائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هو اسرائيل جي حمايت يافته گروپ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. ابو شباب گروپ اسرائيل کان مدد حاصل ڪري فلسطينين کي دوکو ڏئي رهيو آهي.
ابو شباب گروپ حماس جي حڪم کي مذاق ۾ ڊراما سيريل قرار ڏنو آهي. ابو شباب دعويٰ ڪئي آهي ته اهو آمريڪي ۽ اسرائيل جي حمايت يافته امدادي سامان جي حفاظت ڪري رهيو آهي.
ابو شباب گروپ تي امداد چوري ڪرڻ ۽ اسرائيل سان تعاون ڪرڻ جو الزام آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language