
جنيوا:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)عالمي صحت تنظيم چيو آهي ته غزه ۾ اسپتالون ٽراما سينٽر بڻجي ويون آهن جيڪي امداد جي طلبگار ماڻهن تي حملن جي نتيجي ۾ زخمين سان ڀريل آهن.
ڊبليو ايڇ او پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته کاڌي جي ڳولا ۾ 1,000 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، ۽ اسان جو پنهنجو عملو پڻ کاڌي ۽ پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
بيان موجب، غزه ۾ هر ڪو کاڌي جي ڳولا ۾ آهي ۽ زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. صرف کاڌي جي فوري فراهمي بحران کي ٽاري سگهي ٿي.
غزه ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ حاملہ ۽ کير پياريندڙ عورتون غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جڏهن ته غزه ۾ سخت غذائي کوٽ جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي.
ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته غزه ۾ وڏي پئماني تي بک هڪ انسان جي ٺاهيل الميو آهي. 80 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين غزه ۾ مسلسل بندش قحط پيدا ڪيو آهي.
آمريڪي يهودين پڻ غزه ۾ بک مرندڙ ٻارن ۽ قحط جي خوفناڪ صورتحال بابت ڳالهايو.
آمريڪي يهودي ڪميٽي اهو چئي جواب ڏنو آهي ته بک کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي ۽ هر ضرورت مند کي بروقت ۽ محفوظ امداد ملڻ گهرجي.
آمريڪي ڪانگريس ميمبر رينڊي فائن هڪ بيان ڏنو هو ته، "يرغمالين کي آزاد ڪريو يا بکيو مرو."
يهودي ڪميٽي هڪ بيان ۾ چيو ته انساني امداد کي سياسي بڻائڻ يا سزا ڏيڻ اخلاقي طور تي ناقابل قبول آهي.
اسرائيل پاران امداد بند ڪرڻ جي ڪري غزه ۾ بک سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 111 تائين پهچي ويو آهي، جيڪو نسل ڪشي جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 10 فلسطيني بک ۽ غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويا آهن.
100 کان وڌيڪ اين جي اوز غزه ۾ اسرائيلي محاصري جي ڪري وڏي پئماني تي قحط بابت خبرداري جاري ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو اعلان ڪيو وڃي ۽ امداد تي پابنديون ختم ڪيون وڃن.
هڪ گڏيل بيان ۾، 109 تنظيمن، جن ۾ مرسي ڪور، ايم ايس ايف، ۽ نارويجين ريفيوجي ڪائونسل شامل آهن، چيو ته امدادي ڪارڪنن کي پاڻ کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيهڻ تي مجبور ڪيو ويو، ۽ اسرائيل جي مڪمل بندش غزه ۾ قحط، افراتفري ۽ موت جو سبب بڻي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language