welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڏهه لک ڀارتي فوجي به ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي دٻائي نه سگهيا: وزيراعظم جو ڪشمير الحاق جي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي ۾ امن جي واحد ضمانت آهي. پاڪستان سميت دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ پاڪستان الحاق جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. ڪشميري نمائندن 1947 ۾ متفقه طور تي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 10 لک ڀارتي فوجي به ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي دٻائي نه ٿا سگهن، ڪشميرين جي ٽئين نسل به خودمختياري جي حق لاءِ پرعزم آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪشميرين جي ڏهاڪن کان هلندڙ جدوجهد آزادي جي جذبي جو ثبوت آهي، ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي ۾ امن جي واحد ضمانت آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے