احمد آباد:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)هندستاني رياست احمد آباد ۾ مسافر جهاز جي حادثي جي شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هندستاني مسافر جهاز ايندھن جي فراهمي بند ٿيڻ سبب ڪري تباهه ٿيو.
جاري ڪيل شروعاتي رپورٽ موجب، ٻئي ايندھن ڪنٽرول سوئچ بند هئا، ايندھن جي بند ٿيڻ سبب انجن بند ٿي ويو ۽ جهاز هيٺ لهڻ شروع ٿيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊنگ ۾، هڪ پائلٽ ٻئي کان ڪٽ آف جو سبب پڇي ٿو، ٻيو پائلٽ جواب ڏئي ٿو ته هن ڪٽ آف نه ڪيو، مڪمل جاچ ۾ هڪ سال کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ سوئچ بند ٿيڻ جو ڪو به سبب نه ٻڌايو ويو آهي، ايئر انڊيا جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ 242 ماڻهو سوار هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language