welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ باغين جي حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو، ٽي زخمي

غزہ:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)اتر غزه ۾ فلسطيني شدت پسندن جي حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي هڪ آرمرڊ برگيڊ جو هڪ 19 سالن جو سارجنٽ شدت پسندن جي حملي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ٽينڪ ڪمانڊر سميت ٻه سپاهي حملي ۾ سخت زخمي ٿيا. اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪئي ته ڪمانڊو برگيڊ جي ايگوز يونٽ جو هڪ سپاهي اتر غزه ۾ هڪ ٻئي حملي ۾ سخت زخمي ٿيو. ٻئي طرف، فلسطيني مزاحمتي تنظيم چيو ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پيش ڪيل غزه لاءِ جنگ بندي جي تجويزن جو جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته، حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج کي هن معاهدي تحت غزه مان نڪرڻ گهرجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے