سويدا:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)شام جي شهر دروز جي اڪثريتي علائقي سويدا ۾ ٻن ڏينهن جي بدامني کان پوءِ، شامي فوج دروز اڳواڻن جي منظوري سان سويدا ۾ پنهنجي پوزيشن سنڀالي ورتي آهي.
شام جي دفاع واري وزير سويدا ۾ جنگ بندي جو اعلان پڻ ڪيو، پر شهر جي ٻاهرئين حصي ۾ جهڙپون جاري آهن ۽ وڌيڪ فوجون مقرر ڪيون پيون وڃن.
شام جي دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت شهرين کي گهر ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو آهي.
شام جي سرڪاري ميڊيا موجب، سويدا تي اسرائيلي حملا جاري آهن. اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج کي سويدا ۾ شامي فوج ۽ ان جي هٿيارن کي نشانو بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل شامي حڪومت کي شامي دروز برادري کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ ۽ شام سان ملحق سرحدي علائقي کي غير فوجي علائقو بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.
سويدا ۾ نسلي فسادن ۾ 2 ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 99 ماڻهو مارجي ويا آهن. مارجي ويلن مان گهڻا دروز آهن.
عرب ميڊيا موجب، هٿياربند حملي کان پوءِ شروع ٿيندڙ جهڙپن مقامي دروز برادري ۽ بدو قبيلن جي وچ ۾ نسلي فسادن ۾ تبديل ٿي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language