welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روس ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، سڀئي مسافر فوت

ماسڪو:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)اوڀر روس ۾ هڪ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سوار سڀئي 49 ماڻهو مارجي ويا آهن. تفصيل موجب، اوڀر روس ۾ هڪ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار سڀئي 49 ماڻهو مارجي ويا. روسي نيوز ايجنسين ۽ مقامي اختيارين حادثي جي تصديق ڪئي. انتونوف اين-24 جهاز، جيڪو 1976 ۾ تيار ڪيو ويو هو، سائبيريا جي ايئر لائن انگارا ايئر لائنز جي پرواز تي هو. سائبيريا ۾ انگارا ايئر لائنز جو جهاز چين جي سرحد سان ملندڙ ٽيونڊا شهر جي ويجهو ريڊار تان غائب ٿي ويو، جنهن ۾ 43 مسافر (5 ٻارن سميت) ۽ 6 عملو ميمبر سوار هئا. روسي نيوز ايجنسي چيو ته جهاز خراب موسم ۽ لينڊنگ دوران گهٽ نظر اچڻ سبب ڪري تباهه ٿيو. گورنر واسيلي اورلوف چيو ته سڀني لاڳاپيل بچاءُ وارين قوتن کي ڳولا ۽ بچاءُ جي ڪمن لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي. بعد ۾، هڪ ايم آءِ-8 هيلي ڪاپٽر حادثي واري هنڌ تي جهاز جو سڙيل ملبو دريافت ڪيو، جيڪو ٽيونڊا کان 15 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ هڪ گهاٽي ٻيلي واري علائقي ۾ مليو. حادثي جي وقت جهاز ٻي لينڊنگ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جڏهن اوچتو ان جو رابطو ٽٽي پيو. علائقائي اختيارين موجب، جهاز زمين تي ڪرڻ کان پوءِ باهه ۾ ڦاٽي پيو. حادثي ۾ ڪو به بچي نه سگهيو، پر جهاز جي حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے