
پشاور:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪورنگ اميدوار وقاص اورڪزئي چونڊن تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ، وقاص اورڪزئي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي موجودگي ۾ سينيٽ چونڊن تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عمران خان جي ڳالهه اچي ته مون لاءِ ڪجهه به اهم ناهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مان اهو فيصلو ڪنهن به دٻاءُ ۾ ڪري رهيو آهيان.
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير هن موقعي تي چيو ته اسان کي فخر آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن هميشه عمران خان جي نظريي کي اوليت ڏني آهي. وقاص اورڪزئي هڪ ڀيرو ٻيهر باني جي حڪم ۽ پارٽي جي مفاد کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏني ۽ اسان جي درخواست تي سينيٽ جي سيٽ تان پنهنجا ڪاغذ واپس وٺڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.
علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته مان پوري پارٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته عمران خان جو حڪم ۽ پارٽي جو مفاد اسان لاءِ پهرين ترجيح آهي، باقي بعد ۾ ايندو.
ياد رهي ته اڄ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، جنهن کان پوءِ سينيٽ جون چونڊون سڀاڻي ٿينديون، جڏهن ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر هائوس ۾ حلف برداري کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language