welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لنڊن: فلسطين ايڪشن گروپ جي حامين کي عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي

دوحا:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)برطانيه ۾ پوليس فلسطين ايڪشن گروپ تي پابندي خلاف احتجاج ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ۽ درجنين ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. قطري نشرياتي اداري الجزيره جي هڪ رپورٽ موجب، برطانوي پوليس پارليامينٽ اسڪوائر تي ڪريڪ ڊائون ڪيو. گرفتار ڪيل مظاهرين فلسطين ايڪشن گروپ جي حمايت ۾ گڏ ٿيا هئا. ان حوالي سان، لنڊن ۾ ميٽروپوليٽن پوليس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ اسڪوائر ۾ "هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي حمايت" جي الزام ۾ 41 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ عورتون، بزرگ ۽ شاگرد شامل آهن. رپورٽ موجب، برطانوي حڪومت فلسطين ايڪشن گروپ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ۽ جيڪي فلسطين ايڪشن گروپ جي حمايت ڪن ٿا انهن کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي، مظاهرين چيو ته اهي جنگي ڏوهن خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهن ۽ ان مقصد لاءِ خاموشي سان احتجاج ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب، مانچسٽر، ڪارڊف ۽ اتر آئرلينڊ ۾ به اهڙا مظاهرا ڪيا ويا ۽ برطانوي هٿيار ڪمپنين جي عمارتن تي احتجاج ڪيا ويا. فلسطين ايڪشن گروپ تي پابندي جولاءِ ۾ پارليامينٽ طرفان باضابطه طور تي منظور ڪئي وئي هئي، جڏهن احتجاج ڪندڙن گذريل مهيني هڪ فوجي اڏي تي حملو ڪيو ۽ ٻن جهازن تي ڳاڙهو رنگ اڇلايو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے