
ڪوئيٽا:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا کان لاهور ويندڙ مسافر بس مان اغوا ڪيل 9 بيگناهه مسافرن جي شهادت تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. هن چيو آهي ته دهشتگردن بزدلي ۽ ظلم جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ رياست ان جو سخت جواب ڏيندي.
پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته پاڪستاني سڃاڻپ جي بنياد تي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ هڪ ناقابل معافي ڏوهه آهي. بيگناهه ماڻهن جو خون ضايع نه ٿيندو.
هن چيو ته هي هڪ رياستي جنگ آهي، ان ۾ هڪ واضح فيصلو ٿيندو. اسان فتنہ الھندوستان جي دهشتگردن جي سڀني نيٽ ورڪن کي تباهه ڪنداسين.
ياد رهي ته فتنہ الھندوستان جي دهشتگردن ڪوئيٽا کان لاهور ويندڙ مسافر بس مان 9 مسافرن کي اغوا ڪيو هو، جن کي بعد ۾ شهيد ڪيو ويو.
ان حوالي سان بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جيو نيوز سان هڪ خاص انٽرويو ۾ چيو ته فتنہ الھندوستان اڄ 3 دهشتگرد حملا ڪيا، جن کي ناڪام بڻايو ويو.
هن چيو ته ڪوئيٽا کان پنجاب ويندڙ مسافرن کي بس مان لاهي قتل ڪيو ويو، بلوچستان حڪومت هن واقعي جي سخت مذمت ڪري ٿي.
واقعي کي ماضي جي واقعن جو تسلسل قرار ڏيندي ترجمان شاهد رند چيو ته فتنہ الھندوستان بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي. بيگناهه شهرين کي وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪرڻ فتنہ الھندوستان جي کليل ظلم آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language