حيدرآباد:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
اوگرا ايل اين جي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق قيمت ۾ 2.68 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سوئي ناردرن سسٽم لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.21 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 11.57 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف، سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.29 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 10.57 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language