سوات:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)سوات ۾ مدرسي جي شاگرد تي تشدد جي مکيه جوابدار کي سندس پٽ سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس پي موجب، مولانا محمد عمر ۽ سندس پٽ قاري احسان کي مدرسي ۾ تشدد ڪري ٻار کي مارڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پيءُ ۽ پٽ تي 14 سالن جي فرحان تي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو الزام آهي. پوليس جوابدارن کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.
ڪجهه ڏينهن اڳ، سوات جي خوازه خيله تحصيل ۾ هڪ مدرسي ۾ استاد جي مبينا تشدد سبب فرحان نالي هڪ شاگرد پنهنجي جان وڃائي ويٺو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي جڏهن ته قانوني ڪارروائي جاري آهي.
مدرسي جي هڪ ٻئي شاگرد چيو ته ٽنهي استادن گڏجي کيس ماريو، جڏهن هڪ استاد ٿڪجي پوندو هو ته ٻئي کي ماريندو هو.
فرحان جي چاچي ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ته سندس ڀائٽيو مدرسي وڃڻ لاءِ تيار نه هو، هن چيو ته استاد جي پٽ احسان الله ناجائز لاڳاپن جو مطالبو ڪيو، پر سندس گهر وارن کيس زبردستي مدرسي موڪليو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language