welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بهاولپور ۾ مسافر ڪوچ جي ڪار سان ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا پنج ڄڻا فوت

بھاولپور:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)بهاولپور جي حاصل پور تحصيل ۾ مسافر ڪوچ جي ڪار سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا پنج ماڻهو فوت ٿي ويا. بهاولپور ريسڪيو ڪنٽرول موجب، بهاولپور کان بهاول نگر ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ ڪار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار پنج ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ڪنٽرول موجب، حادثي جي اطلاع ملندي ئي، ريسڪيو ٽيم فوري طور تي موقعي تي پهچي وئي ۽ زخمين کي تحصيل هيڊ ڪوارٽر اسپتال حاصل پور منتقل ڪيو. ريسڪيو ڪنٽرول چيو ته حادثو حاصل پور چشتيان روڊ تي تيز رفتاري سبب پيش آيو. ڪار ۾ هڪ ئي خاندان جا اٺ ماڻهو هئا، جن مان ٽي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه اسپتال ۾ فوت ٿي ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے