welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مديجي: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مزدا ڊرائيور جي قتل، پوليس جي چڙهائي

مديجي:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)مديجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني گهٽجي نه سگهي، مزدا ڊرائيور ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو. ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان ٻرڙو ڀرسان ٻرڙا اسٽاپ تي اڻڄاتل ھٿياربندن روڊ تي رڪاوٽون وجهي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ ڪئي، هٿياربند ڦورن سبزي سان ڀريل مزدا مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ بلوچستان خضدار جي علائقي زهري جو رهواسي ڊرائيور شاهنواز بروهي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. جنهن جو لاش مديجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مزدا جي ڪلينر طفرالله بروهي ٻڌايو ته خضدار مان سبزي لوڊ ڪري سکر وڃي رهيا هئاسين، ته سکر لاڙڪاڻو روڊ تي هٿياربندن رڪاوٽون وجهي ٻيٺل هئا، مزدا کي ڏسي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن اسان جو ڊرائيور ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته مسافر آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ٻرڙا بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي تي ڦرلٽ دوران فائرنگ ۾ مزدا ڊرائيور شاهنواز بروهي کي قتل بعد پوليس جي وڏي نفري ۽ بڪتر بند گاڏين سان ڳوٺ آباد ڪيهر ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي. شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس وڏي نفري ۽ بڪتر بند گاڏين ساڻ ڪري ڳوٺ آباد ڪيهر مان واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪري گهرن جي تلاشي ورتي وئي، جوابدار هٿ نه اچي سگهيا آهن، جڏهن ته ڪارروايون جاري آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے