تلھار:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)مسافر وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر نتيجي 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
تلهار ٽنڊوباگو روڊ تي ٻٻري اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين ۽ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ جي ڪري وين وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا.
زخمين ۾ مسمات پوڙهي ملاح، نعمان پنڃارو، شريف ملاح، محمد ابراهيم ميمڻ، غلام نبي ميمڻ، دلشاد پنهور ۽ ٻيا شامل آهن.
زخمين کي مقامي ڳوٺاڻن جي مدد سان تلهار اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب 3 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language