welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي حڪومت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي ملڪ گير وفاقي فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)وفاقي حڪومت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي ملڪ گير وفاقي فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا پاران فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ايڪٽ 1915 ۾ ترميمن جي منظوري کان پوءِ، سڄي پاڪستان ۾ ايف سي جي دائري اختيار کي وڌائڻ لاءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويندو. ذريعن موجب، هن فورس جو نالو تبديل ڪري فيڊرل ڪانسٽيبلري رکيو ويندو، ۽ فيڊرل ڪانسٽيبلري کي چئني صوبن، اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو. ذريعن موجب، آرڊيننس جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، نئين فورس لاءِ ملڪ بھر ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون، جن لاءِ ملڪ بھر ۾ آفيسون قائم ڪيون وينديون. ذريعن وڌيڪ چيو ته تنظيم نو جي فريم ورڪ تحت، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي ڪمانڊ پوليس سروس آف پاڪستان جا آفيسر ڪندا. فيڊرل ڪانسٽيبلري جي قيام سان ملڪ ۾ اندروني سيڪيورٽي ۽ عوامي نظم قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے