ڪراچي:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي گلزار هجري علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو شهري مارجي ويو.
پوليس موجب، موٽرسائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن شهرين کي ڦرڻ کان پوءِ ڀڄڻ دوران فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 36 سالن جو ڪريم مارجي ويو.
مقتول ڪريم گذريل ٽن سالن کان هڪ چانهه گهر ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ 15 سال اڳ ڪراچي آيو هو ۽ چار ٻارن جو پيءُ هو، جڏهن ته مقتول عمرڪوٽ جو رهواسي هو.
پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث ٻن ڌاڙيلن کي پوليس مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جا هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو. جوابدارن جي ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.
هن سال تائين 54 شهري ڌاڙيلن هٿان مارجي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language